پي ايس ايل 11: محمد عامر ۽ فهيم اشرف تي ڏنڊ، پر ڇو؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 جي 34هين ميچ ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي قومي ڪرڪيٽرن محمد عامر ۽ فهيم اشرف تي 10 سيڪڙو ۽ ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ ميچ دوران ٻنهي رانديگرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن فهيم اشرف کي محمد عامر آئوٽ ڪيو. ان دوران محمد عامر فهيم اشرف کي وڃڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي فهيم اشرف به سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ سندس طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ٻنهي رانديگرن ۾ تلخ کلامي ٿي. صورتحال ان حد تائين پهچي وئي جو ٻئي رانديگر آمهون سامهون اچي ويا ۽ ڇڪتاڻ به ٿي وئي پر ٻين رانديگرن جلدي مداخلت ڪري معاملي کي ختم ڪري ڇڏيو. ميچ ريفري واقعي جو نوٽيس وٺندي ٻنهي رانديگرن کي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي جو ڏوهه قرار ڏيندي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ به لڳايو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment