ڪراچي جي عوام جي محرومين جو دور ختم ٿي ويو، هاڻي تعمير ۽ ترقي جو دور شروع ٿيندو: خالد مقبول صديقي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي مرڪز بهادر آباد ۾ عهديدارن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حق پرست سينيٽرن سميت سينيئر مرڪزي اڳواڻن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، سي او سي جي انچارج ۽ ڪميٽي ميمبرن، مرڪزي کاتن جي آفيسرن، ٽائون انچارجز ۽ ڪميٽي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي جي عوام جي محرومين جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي، هاڻي رڳو تعمير ۽ ترقي جو دور شروع ٿيندو.

هن هدايت ڪئي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جا ذميوار ۽ ايندڙ سال جي بلدياتي چونڊن لاءِ گهر گهر وڃي ايم ڪيو ايم جو پيغام پهچايون ڇو ته اهي چونڊون شهر جي حقيقي اختيارن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون قدم هونديون.

ان موقعي تي سينيئر مرڪزي اڳواڻ سيد مصطفيٰ ڪمال عهديدارن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هميشه ڏکين حالتن ۾ هن شهر جي خدمت ڪئي آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سمورا عهديدار ميدان ۾ اچي ڪراچي جي دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائين.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪراچي جي اختيارن جي واپسي ۽ شهر جي بحالي ايم ڪيو ايم جي ذريعي ئي ممڪن آهي، قيادت واضح ڪيو ته ايندڙ چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري شهر جو نظام عوام جي امنگن مطابق هلائينداسين.

واضح رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان چيئرمين جي صدارت هيٺ سينٽرل ڪميٽي جا ميمبر ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ ايندڙ سال ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪري رهيا هئا، عهديدارن جي ان اجلاس ۾ انهن چونڊن جي تيارين بابت اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ اسيمبلي ميمبرن، ٽائون انچارجز ۽ مرڪزي عهديدارن کي اهم هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment