آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين پلان جي اعلان باوجود عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رهيو ۽ وڏي گهٽتائي جو رجحان سامهون نه آيو. ماهرن موجب آبنائي هرمز ۾ صورتحال غير يقيني آهي، جنهن سبب مارڪيٽ دٻاءُ ۾ رهي.
رپورٽن مطابق برينٽ خام تيل جي قيمت 108 ڊالر في بيرل جي لڳ ڀڳ رهي، جڏهن ته ٽرمپ جي ’پروجيڪٽ فريڊم‘ تحت ڦاٿل جهازن کي ڪڍڻ جو اعلان مارڪيٽ تي ڪو خاص اثر نه پيو.
آمريڪي فوجي ڪمانڊ CENTCOM پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو آبنائے هرمز مان گذرندڙ جهازن جي مدد ڪندو، پر جهازن جي باقاعده سيڪيورٽي اسڪواڊن جا تفصيل فراهم نه ڪيا.
ٻئي طرف اعليٰ ايراني عملدارن واضح ڪيو آهي ته هو منصوبي سان تعاون نه ڪندا ۽ آمريڪا جي ڪنهن به مداخلت کي جنگبندي جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو. ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهه خبردار ڪيو آهي ته آمريڪي قدمن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.
انٽرنيشنل انرجي ايجنسي موجب بحران جديد تاريخ ۾ توانائي جو سڀ کان وڏو خلل بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته رڳو سياسي بيان بازي تيل جي سپلاءِ بحال نٿي ڪري سگهي.
انگن اکرن موجب، جنگ جي شروعات کان وٺي عالمي تيل جي پيداوار ۾ روزانو 14.5 ملين بيرل جي گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته آبنائے هرمز مان گذرندڙ جهازن جي تعداد ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي. جتي اڳي روزانو سراسري طور 129 جهاز هئا، اهو تعداد گهٽجي ڪجهه درجن تائين پهچي ويو آهي.
ماهرن موجب جيتوڻيڪ مارڪيٽ کي اميد آهي ته ايندڙ هفتن ۾ صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي پر حقيقت ۾ تيل جي فراهمي، انفراسٽرڪچر جي سار سنڀال ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب قيمتن ۾ استحڪام يا وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.


