آءِ پي ايل ۾ چنائي سپر ڪنگز جي انگلش فاسٽ بالر جيمي اوورٽن جي تيز بال تلڪ ورما کي وڏو نقصان پهچايو.
تفصيل موجب ڀارتي بيٽسمين تلڪ ورما جيمي اوورٽن جي تيز بال کي اسڪائوپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بيٽنگ بدران بال سندس کلائي تي لڳل واچ تي لڳي جنهن ڪري هو ڀڄي ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب واچ جي قيمت 28 هزار ڀارتي روپين (82 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) آهي، جڏهن ته ڪجهه غير تصديق ٿيل ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي قيمت ڪروڙين روپين ۾ آهي.
هي غير معمولي واقعو ڪالهه ممبئي انڊينز ۽ چنائي سپر ڪنگز وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پيش آيو.
بال هٿ ۾ لڳڻ کانپوءِ تلڪ ورما راند جاري رکي پر هو صرف 5 رنسون ٺاهي سگهيو.


