مزدورن جا حق، سماجي تحفظ ۽ موسمي انصاف وقت جي ضرورت آهي

sindhvoice70@gmail.com
4 Min Read


ڪراچي:

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ (پلار) پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي موسمياتي تبديلي ۽ مزدورن جي حقن جي موضوع تي منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي مقررين مزدور طبقي تي ماحولياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته وڌندڙ گرمي، غير متوقع برساتن، ٻوڏ ۽ ڏڪار سبب زراعت، ماهيگيري، تعميرات ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل لکين مزدورن جي روزگار کي سخت خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب سماج ۾ اڳ ئي موجود غربت ۽ عدم مساوات وڌي رهي آهي.

سيمينار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مزدورن جي روزگار تي موسمي تبديليءَ جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ منصفانه ۽ جامع پاليسي جوڙي وڃي ۽ سمورن مزدورن لاءِ سماجي تحفظ جا برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن.

سيمينار کي خطاب ڪندي نامياري معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته مزدورن جي روزگار جي تحفظ لاءِ ملڪ ۾ يونين سازي کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي، هن وقت مزدورن جو يونين ٺاهڻ جو حق عملي طور ختم ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري سندن اجتماعي طاقت ختم ٿي چڪي آهي.

ميڊيا ملڪ ۾ مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي هئي پر ان کي به ڪمزور ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا کي به غير منصفانه قانونن ذريعي دٻايو ويو آهي، جڏهن ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم ذريعي عدليه کي به حڪومت جي ماتحت ڪيو ويو آهي.

قيصر بنگالي سمورن مزدور تنظيمن کي مزدورن جي حقن لاءِ متحد ٿيڻ جي تلقين ڪندي چيو ته انهن کي منظم ڪرڻ لاءِ پائلر جهڙو پليٽ فارم موجود آهي.

پائلر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عباس حيدر چيو ته پائلر اڳ به سمورين مزدور تنظيمن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي.

هن اعلان ڪيو ته ايندڙ سال يوم مئي جو پروگرام گڏيل پليٽ فارم تان منعقد ڪيو ويندو. هن چيو ته 2015 ۾ ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب سرڪاري انگن اکرن موجب 300 ماڻهو فوت ٿيا پر ايڌي فائونڊيشن موجب فوت ٿيلن جو انگ 5 هزار کان وڌيڪ هو، جن ۾ اڪثريت مزدور طبقي جي هئي.

هنن چيو ته شهر جي غريب آبادي وارن علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب پورهيت طبقي جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آهي.

عورت مزدورن جي حوالي سان عباس حيدر چيو ته ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽس شعبي ۾ 30 سيڪڙو عورتون شامل آهن پر اهي سوشل سيڪيورٽي ادارن جي سهولتن کان محروم آهن.

هيومن رائيٽس ڪميشن جي وائيس چيئرمين قاضي خضر ميڊيا سان ڳالهائيندي وليڪا اسپتال ۾ 78 نون ڄاول ٻارڙن ۾ ايڊز جي مرض تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو.

هن چيو ته آئين سڀني لاءِ برابري جي حقن ۽ سهولتن جي ضمانت ڏئي ٿو پر ملڪ ۾ 26 ڪروڙ ٻار اسڪول نٿا وڃن ۽ انهن ۾ اڪثريت پورهيت طبقي جي ٻارن جي آهي. ساڳيو حال مزدورن کي مليل صحت جي سهولتن جو آهي.

نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻ ناصر منصور چيو ته موسمياتي تبديلين سبب هي خطو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ ان جو وڏو مثال آهي، جنهن ۾ سنڌ صوبي جا 80 سيڪڙو ماڻهو متاثر ٿيا، ان آفت جي ذميواري اسان جو ملڪ نه پر ترقي يافته ملڪ ۽ وڏيون ڪمپنيون آهن، ان حوالي سان جرمني ۾ معاوضي جو ڪيس هلي رهيو آهي. ان موقعي تي مهناز رحمان ۽ سعيد بلوچ پڻ خطاب ڪيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment