عام پاسپورٽ جي فراهمي 21 ڏينهن کان گهٽائي 14 ڏينهن ڪئي وئي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



حڪومت پاسپورٽ آفيسن ۾ مڪمل ڪيش لیس سسٽم متعارف ڪرائي عام پاسپورٽ جي جاري ڪرڻ کي وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي 21 ڏينهن جي بدران 14 ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو. ايڪسپريس نيوز موجب نارمل پاسپورٽ جي فراهمي 21 ڏينهن بدران 14 ڏينهن ڪئي وئي آهي ۽ پاسپورٽ آفيسن ۾ مڪمل ڪيش لیس سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بزنس ڪيٽيگري پاسپورٽ جي جاري ڪرڻ لاءِ ورڪ پيپر ۽ تياري شروع ڪئي وئي آهي ۽ گهر گهر پاسپورٽ پهچائڻ واري نظام کي موثر بڻايو ويندو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاسپورٽ آفيسن کي 15 ڏينهن اندر ڪيش لیس سسٽم متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيش پيمينٽ ختم ٿيڻ سان ايجنٽ مافيا جو خاتمو ٿي ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment