اسلام آباد ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت، 5 زخمي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀريا کهو جي علائقي اٿل چوڪ وٽ تيز رفتار گاڏي جو ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.

ذريعن موجب حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ جو عمل اڃا جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ محمد فضل ۽ عامر جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٻين ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پوليس موجب حادثي ۾ ملوث گاڏي جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته گاڏي کي تحويل ۾ وٺي واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment