پئرس:
يورپين فٽبال جي سڀ کان وڏي ٽرافي کٽڻ جي خوشي فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي هنگامن ۾ تبديل ٿي وئي، جتي پيرس سينٽ جرمين (پي ايس جي) جا هزارين مداح روڊن تي نڪري آيا ۽ ڪجهه علائقن ۾ پوليس سان پرتشدد جهڙپون پڻ ٿيون.
چيمپيئنز ليگ جي فائنل ۾ شاندار فتح کانپوءِ شهر ۾ جشن جو سمايل هو پر رات گذرندي ئي صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي.
مظاهرين مختلف هنڌن تي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ۽ گاڏين ۽ ڪاروباري مرڪزن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته پوليس کي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪارروائي ڪرڻي پئي.
فرانسيسي گهرو وزارت موجب 416 کان وڌيڪ ماڻهن کي جهيڙن ۽ فسادن دوران حراست ۾ ورتو ويو.
سڪيورٽي خدشن سبب سڄي ملڪ ۾ 22 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته رڳو پيرس ۾ 8 هزار پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو.
پوليس اختيارين موجب، جهڙپ دوران هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 6 گاڏين ۽ ٻن تجارتي مرڪزن کي نقصان پهتو.
ڪجهه مداحن پيرس جي مشهور رِنگ روڊ (پريفيريڪ) تي به چڙهائي ڪئي، جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي شعلا پڻ روشن ڪيا ويا.
صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪيتريون ئي ٽرام سروس معطل ڪئي وئي، ڪيترائي ميٽرو اسٽيشنون بند ڪيون ويون ۽ ڪجهه علائقن ۾ بس سروس پڻ بند ڪئي وئي.
پي ايس جي جي تاريخي ڪاميابي جتي لکين مداحن لاءِ خوشيون آڻي ڇڏيون، جشن دوران ٿيندڙ پرتشدد واقعن انتظاميه لاءِ نوان مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا.
شهر جي مختلف علائقن ۾ سڄي رات سڪيورٽي فورسز ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون جاري رهيون، جڏهن ته اختيارين وڌيڪ گرفتارين جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.


