جنگ بندي بابت آمريڪي تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي، اڃا حتمي فيصلو ناهي ٿيو، ايراني پرڏيهي وزارت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا طرفان جنگ جي خاتمي لاءِ موڪليل نئين تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي پر اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي پيغام پاڪستان ذريعي مليو.

اسماعيل بقا چيو ته پروپوزل جي تفصيل تي هن وقت بحث نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته معاملو اڃا جائزو هيٺ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا اڪثر ’غير معمولي ۽ غير معقول مطالبا‘ کڻي اچي ٿو، جنهن سبب ان تجويز جو جائزو وٺڻ آسان ناهي.

ترجمان انهن خبرن کي به رد ڪيو ته ايران جي ايٽمي پروگرام خاص طور تي يورينيم جي افزودگي يا ايٽمي مواد بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ان حوالي سان گردش ڪندڙ اڪثر خبرون حقيقتن تي ٻڌل ناهن.

هن واضح ڪيو ته هن وقت ايران جو ڌيان صرف جنگ جي مڪمل خاتمي تي آهي ۽ مستقبل جي قدمن جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال موجب مستقبل جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

تجزيه نگارن موجب پاڪستان طرفان پيغامن مان ظاهر ٿئي ٿو ته خطي ۾ سفارتي ڪوششون جاري آهن پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اختلافن سبب ڪنهن به فوري اڳڀرائي جو امڪان ناهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment