آسٽريليا ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ميزبان ٽيم کي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ميزبان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 109 رنسون ٺاهيون، پر مهمان ٽيم هدف 11 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. بنگلاديشي رانديگر توحيد هريودائي 61 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ٽيم جا باقي رانديگر سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا جنهن سبب هو وڏو ٽارگيٽ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا. دورو ڪندڙ ٽيم جي ڪپتان ۽ اوپنر مچل مارش 60 رنسن جي اننگز کيڏي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ بنگلاديش آسٽريليا کي ون ڊي سيريز ۾ 2-1 تان شڪست ڏني هئي. دوري واري ٽيم ون ڊي ۾ خراب ڪارڪردگي ڏيکاري.
Source link

آسٽريليا بنگلاديش کي ٽي 20 سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

