اينٽي ڪرپشن پاران ڪنٽرولر ميرپورخاص بورڊ جا نوان انڪشاف

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي: اينٽي ڪرپشن پاران ميرپورخاص بورڊ جي ڪنٽرولر کي گرفتار ڪري جاچ دوران نوان انڪشاف ڪيا ويا آهن.

اينٽي ڪرپشن نوٽيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي تعليمي بورڊز مان 20 ڪروڙ رپيا رشوت جي طور تي يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي کي ڏنا ويا، 20 ڪروڙ رپيا نتيجن ۾ ڦيرڦار، امتحاني ۽ انتظامي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ۽ ٽرانسفر/ پوسٽنگ لاءِ ڏنا ويا. رقم تعليمي بورڊن پاران سيڪريٽري بورڊ ۽ يونيورسٽين کي ڊپٽي سيڪريٽري فرحان اختر ذريعي منتقل ڪئي وئي.

اينٽي ڪرپشن موجب ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ ڪراچي مان 7 ڪروڙ، سکر بورڊ مان 4 ڪروڙ، حيدرآباد بورڊ کان 4 ڪروڙ ۽ شهيد بينظير آباد بورڊ (نوابشاهه) مان 5 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا آهن.

اينٽي ڪرپشن کاتي سيڪريٽري ۽ چيئرمين ميٽرڪ بورڊ ڪراچي، چيئرمين انٽرميڊيٽ بورڊ ڪراچي، چيئرمين سکر بورڊ زاهد علي چند، چيئرمين نوابشاهه بورڊ آصف ميمڻ کي انڪوائري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

اڳوڻي ڊپٽي سيڪريٽري فرحان اختر، سيڪريٽري نوابشاهه بورڊ، سيڪشن آفيسر محمد زبير ڪاتب، ڪنٽرولر سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد بورڊ کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص بورڊ جي ٽن اڳوڻي چيئرمينن ۽ لاڳاپيل وزير جي پرسنل سيڪريٽري کي به طلب ڪري ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن نوٽيس موجب نوابشاهه بورڊ ۾ پري ميڊيڪل جي شاگرد کي هڪ کانپوءِ ٻه مارڪ شيٽ جاري ڪئي وئي، پهرين مارڪ شيٽ ۾ 500 مان 362 ۽ ٻئي ۾ 497 مارڪون ڏنيون ويون.

سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ عباس بلوچ کان اڳ ئي رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي، عباس بلوچ 20 گريڊ جو سيڪريٽري آهي ان ڪري هو هيٺين گريڊ جي انڪوائري آفيسر آڏو پيش نه ٿيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment