نيويارڪ جي اڳوڻي ميئر روڊي گيلاني کي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جتي هو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب نيويارڪ جي اڳوڻي ميئر روڊي گيلاني جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اڳوڻي ميئر کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس آءِ سي يو ۾ رکيو ويو آهي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سندس حالت نازڪ آهي ۽ مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي.
جيتوڻيڪ اڃان تائين اهو واضح ناهي ته بيماري جي نوعيت ڪهڙي آهي پر ويجهن ذريعن موجب طبي ٽيم هر ممڪن علاج فراهم ڪري رهي آهي.


