اسلام آباد:
سادگي مهم تحت ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي واري فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو.
وزيراعظم جي بچت مهم تحت ملازمن جي پگهارن ۾ گهٽتائي واري فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو.
ايڪسپريس نيوز موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين سومرو وفاق ۽ قانون واري وزارت کان سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن ذريعي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
درخواست جي ٻڌڻي دوران سرڪاري ڪمپني جي وڪيل بئريسٽر عمر اعجاز گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته ڪابينا ڊويزن پگهارن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جيڪو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي نتيجي ۾ شروع ڪيل سادگي واري مهم جو حصو هو.
بئريسٽر عمر اعجاز گيلاني چيو ته وزيراعظم جون هدايتون سرڪاري کاتن تي لاڳو ٿي سگهن ٿيون پر سرڪاري ڪمپنين تي نه. سرڪاري کاتن کي ڪمپنين ۾ تبديل ڪرڻ جو مقصد سندن روزمره جي معاملن ۾ حڪومتي مداخلت کي گھٽائڻ هو.
وڪيل وڌيڪ چيو ته 14 مارچ جي نوٽيفڪيشن ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽائي کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، درخواستگذار ڪمپني ايڪٽ تحت رجسٽرڊ ڪمپني آهي پر سرڪاري کاتو ناهي.
عدالت ڪمپني جي موقف تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.


