پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 جي فائنل ۾ پشاور زلمي حيدرآباد ڪنگز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ پشاور زلمي 130 رنسن جو هدف 16 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. زلمي طرفان آرون هارڊي ناٽ آئوٽ 56 رنسون ٺاهيون. عبدالصمد 48 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. ٻين بيٽسمينن ۾ ڪوشل مينڊس 9، محمد حارث 6، مائيڪل بريس ويل 4 ۽ ڪپتان بابر اعظم 0 رنسن جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿيا، ڪنگزمنز طرفان محمد علي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. حنين شاهه هڪ ۽ عاڪف جاويد هڪ وڪيٽ ورتي. پشاور زلمي جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي حيدرآباد جي ٽيم 18 اوورن ۾ 129 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪنگزمنز طرفان صائم ايوب 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ڪپتان مارنس لبوشين 20، حسن خان 12، معز صداقت 11، حنين شاهه 9، عثمان خان 8، عاڪف جاويد 5، عرفان خان 1، ڪوشل پريرا 1 ۽ گلين ميڪسويل 0 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. زلمي طرفان هارون هارڊي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ ناهيد رانا 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان طرفان سفيان مقيم ۽ محمد باسط هڪ وڪيٽ ورتي.
Source link

پشاور زلمي پي ايس ايل 11 جو ٽائيٽل کٽي ورتو
Leave a Comment Leave a Comment

