ايران جي آبنائي هرمز ۾ ٻيڙين تي آمريڪي حملي ۾ 5 شهري مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران جي سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آبنائي هرمز ۾ آمريڪي فوج جي مبينا حملي ۾ 5 شهري مارجي ويا.

رپورٽ موجب اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن آمريڪا پاران سامونڊي ٽريفڪ جي بحالي لاءِ جاري آپريشن دوران ايراني ٻيڙين کي نشانو بڻايو ويو.

ايراني خبرن جي ايجنسين موجب آمريڪي فوجن جن ٻيڙين تي حملو ڪيو، انهن جو تعلق پاسداران انقلاب سان نه هو پر اهي شهري ٻيڙيون هيون، جيڪي سامان ۽ مسافر کڻي ويندڙ هيون. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آهن.

هڪ فوجي اهلڪار تسنيم نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته تحقيق کانپوءِ معلوم ٿيو ته آمريڪي فورسز ٻن ننڍين مال بردار ٻيڙين تي فائرنگ ڪئي. اهي ٻيڙيون قصاب کان ايراني ساحل ڏانهن وڃي رهيون هيون ۽ ان ۾ عام ماڻهو سوار هئا.

ايراني اهلڪارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي عمل جلدي ۽ غلط فيصلي جو نتيجو هو، آمريڪي خدشات ۽ انقلابي گارڊ جي تيز رفتار ٻيڙين بابت خوفن جو حوالو ڏنو.

ٻئي طرف آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن 6 ايراني ٻيڙيون تباهه ڪري ڇڏيون ۽ ايران طرفان فائر ڪيل ڪروز ميزائل ۽ ڊرون کي به ڪيرائي ڇڏيو. سينٽ ڪام جي سربراهه براد ڪوپر موجب اهو آپريشن آبنائے هرمز ۾ شپنگ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جاري آپريشن جو حصو هو.

ماهرن موجب ان واقعي کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته عالمي توانائي جي فراهمي ۽ سامونڊي واپار به متاثر ٿي سگهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment