پرڏيهي فنڊنگ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سمورن پرڏيهي فنڊنگ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، اها ڪميٽي سمورن پرڏيهي فنڊنگ منصوبن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي. اسٽينڊنگ ڪميٽي اين-45 پروجيڪٽ جي بولنگ جي عمل ۾ بي ضابطگين سبب ڪالعدم قرار ڏيندي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) کي 30 ڏينهن اندر نئين بڊنگ عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تفصيل موجب سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سينيٽر وقار مهدي، سينيٽر ڪامل علي آغا، سينيٽر هدايت الله خان ۽ سينيٽر روبينا خالد شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي امداد تحت هلندڙ هاءِ ويز ۽ توانائي منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ اين-45 هاءِ وي پروجيڪٽ، ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس لاءِ ڪوئلي جي خريداري ۽ اڳوڻين سفارشن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي اجلاس دوران وفاقي سيڪريٽري ڪميونيڪيشن ۽ چيئرمين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي غير حاضري تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، جنهن تي عملدارن چيو ته هو سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي سلسلي ۾ مصروف آهن. چترال سان لاڳاپيل پروجيڪٽ ڪنسلٽنٽ جي غير حاضري تي به پڇاڻو ڪيو ويو، جنهن تي ٻڌايو ويو ته هو پرڏيهي مصروفيتن سبب شرڪت نه ڪري سگهيو. اجلاس ۾ سينيٽر روبينا خالد چترال-چڪردرا روڊ جي خستگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪميٽي جو دورو ڪرڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته سينيٽر وقار مهدي اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ ٽيڪنيڪل نگراني جي کوٽ تي سوال اٿاريا. آفيسرن وضاحت ڪئي ته منصوبن جي ٽيڪنيڪل نگراني پلاننگ ڊويزن وٽ آهي. چڪردرا-تمرگهه 38.8 ڪلوميٽر روڊ منصوبي جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان جي منظوري جلد متوقع آهي، حتمي ٽائم لائن منظوري کانپوءِ ئي ڏني ويندي، جڏهن ته عام طور منصوبي جي منظوري کانپوءِ خريداري جي عمل ۾ هڪ سال لڳندو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment