آبنائي هرمز ۾ آمريڪي آپريشن بند ڪرڻ جو اعلان، خام تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز ۾ جاري بحري آپريشن پروجيڪٽ فريڊم کي عارضي طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ٿي آهي.

عالمي مارڪيٽ جي انگن اکرن موجب يو ايس ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ خام تيل جي قيمت ۾ 1.87 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن کانپوءِ اها 100.4 ڊالر في بيرل تي اچي وئي. اهڙي طرح برينٽ کروڊ جي قيمت 1.76 سيڪڙو گهٽتائي سان 107.9 ڊالر في بيرل ٿي وئي.

ماربن کروڊ ۾ به 1.24 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اهو 106 ڊالر في بيرل تي واپار ڪرڻ لڳو.

ماهرن موجب ’پروجيڪٽ فريڊم‘ جي عارضي معطلي سان مارڪيٽ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان سيڙپڪارن جا خدشا گهٽ ٿيا آهن ۽ تيل جي قيمتن تي دٻاءُ گهٽجي ويو آهي. ان آپريشن جو مقصد آبنائے هرمز ۾ ڦاٿل واپاري ٻيڙن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ جهازن جي رستي کي بحال ڪرڻ هو.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز عالمي توانائي جي فراهمي لاءِ هڪ اهم پاسو آهي، جتي ڪنهن به ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون اثر تيل جي قيمتن تي پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته جيئن ئي آپريشن کي آسان ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، مارڪيٽ جلدي رد عمل ڪيو.

ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن خطي ۾ صورتحال مستحڪم رهي ته تيل جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي به ممڪن آهي، جڏهن ته ڪنهن نئين ڇڪتاڻ جي صورت ۾ قيمتون ٻيهر وڌي سگهن ٿيون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment