روس جي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه سرگئي شوئيگو چيو آهي ته آمريڪا خلاف جدوجهد ۾ ايراني قوم جي فتح ٿيندي.
ميڊيا رپورٽن موجب هن اهڙو اظهار تهران ۾ ايراني عهديدارن سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي سلامتي، دفاعي سهڪار ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
شوئيگو چيو ته روس ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي حمايت جاري رکندو. تازن ڇڪتاڻ جي باوجود، ايران پنهنجي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ٻاهرين دٻاءُ کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ايراني عملدارن پڻ روس جي موقف جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
ملاقات ۾ اقتصادي تعاون، توانائي، دفاعي شعبي ۽ علائقائي تڪرارن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران جا لاڳاپا انتهائي ڇڪتاڻ جو شڪار آهن، جڏهن ته روس ۽ ايران گذريل ڪجهه سالن کان سياسي، اقتصادي ۽ فوجي سهڪار وڌائي رهيا آهن.


