تهران: ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي هوائي دفاعي نظام ڏکڻ ايران جي صوبي بوشهر ۾ آمريڪي ڊرون MQ-9 کي ڪيرائي ڇڏيو.
ايراني خبر رساں اداري تسنيم نيوز موجب، IRGC جي ترجمان حسين محبي چيو آهي ته ڊرون کي نشانو بڻايو ويو بوشهر صوبي جي شهر خرموج جي ويجهو جڏهن آمريڪي فوج طرفان مبينا هوائي حملو ڪيو ويو.
ترجمان موجب ايران جي ايئر ڊفينس سسٽم فوري ڪارروائي ڪندي آمريڪي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو. بهرحال، هن ان حوالي سان وڌيڪ فوجي يا ٽيڪنيڪل تفصيل فراهم نه ڪيا.
هن وقت تائين ايراني دعويٰ تي آمريڪا طرفان ڪو به باضابطه ردعمل سامهون نه آيو آهي، جڏهن ته ان واقعي جي آزاد ذريعن کان به تصديق ناهي ڪئي وئي.
اها دعويٰ هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي فوجي ڪارروائي کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي ۽ اشتعال انگيز ڪارروائي جا الزام لڳائي رهيا آهن.
دفاعي ماهرن موجب ايم ڪيو ايم ڊرون آمريڪي فوج جو جديد نگراني ۽ حملو ڪندڙ ڊرون آهي، جيڪو انٽيليجنس، نگراني ۽ اسپيشل ملٽري آپريشنز لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايراني دعويٰ درست آهي ته اها تازي ڇڪتاڻ ۾ اهم اڳڀرائي هوندي، پر ان جي تصديق لاءِ وڌيڪ سرڪاري معلومات جو انتظار آهي.


