حڪومت طرفان مقرر ٽيڪس اسڪيم ۾ واپارين جي رجسٽريشن لاءِ ايپ تيار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



وفاقي حڪومت فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم ۾ واپارين جي رجسٽريشن لاءِ موبائيل ايپ تيار ڪري ورتي آهي، موبائل ايپ کي هلندڙ هفتي آزمائشي بنيادن تي متعارف ڪرايو ويندو. ناڻي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت پاران پرچون فروشن لاءِ مقرر ٽيڪس اسڪيم ۾ واپارين جي رجسٽريشن لاءِ تيار ڪيل موبائل ايپ کي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ ايندڙ هفتي تائين متعارف ڪرائي ويندي. هن چيو ته هلندڙ هفتي دوران موبائل ايپ کي آزمائشي بنيادن تي آزمايو ويندو، جيڪڏهن موبائل ايپ ۾ ڪا خامي نظر ايندي ته ان کي دور ڪيو ويندو ۽ ايندڙ هفتي تائين حتمي موبائل ايپ متعارف ڪرائي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته موبائل ايپ ذريعي ننڍن واپارين جي رجسٽريشن ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي، سيپٽمبر دوران فيڪسڊ ٽيڪس اسڪيم تحت رجسٽرڊ ٿيل واپارين کي پنهنجا ريٽرن فائل ڪرڻا پوندا. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب موبائل ايپ اردو، انگريزي، سنڌي، بلوچي ٻولين ۾ شروع ڪئي ويندي، ايف بي آر گرين پليٽ موبائل ايپ ۾ رجسٽر ٿيل پرچون فروشن کي الاٽ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر کي 35 لک کان وڌيڪ پرچون فروشن جي ڄاڻ ملي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment