ترڪي 6000 ڪلوميٽر تائين مار ڪندڙ بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل متعارف ڪرايو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ترڪي پنهنجو پهريون بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل Yıldırım Han متعارف ڪرايو آهي، جيڪو دفاعي ميدان ۾ هڪ اهم ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي. هي ميزائل استنبول ۾ جاري دفاعي نمائش دوران پيش ڪيو ويو.

ترڪي ميڊيا موجب هي جديد ميزائل ترڪي جي دفاع واري وزارت جي ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر تيار ڪيو آهي جيڪو جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي.

اختيارين موجب هي ميزائل آواز جي رفتار کان 25 ڀيرا وڌيڪ رفتار تائين پهچي سگهي ٿو ۽ 6 هزار ڪلوميٽرن تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته Yıldırım Han ميزائل مائع نائٽروجن ٽيٽرا آڪسائيڊ کي ايندھن جي طور تي استعمال ڪري ٿو ۽ چار طاقتور راڪيٽ انجڻين سان ليس آهي، ان کي ترڪي جي سڀ کان ترقي يافته ۽ طاقتور ميزائل سسٽم مان هڪ آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ميزائل جي لانچنگ اهڙي وقت ڪئي وئي آهي جڏهن ترڪي پنهنجي دفاعي صنعت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ميزائل ٽيڪنالاجي، ڊرون، ايئر ڊفينس، ايوي ايشن ۽ خلائي شعبن ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. اها ترقي خطي ۾ طاقت جي توازن کي به متاثر ڪري سگهي ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment