خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير هزاره ڊويزن لاءِ 200 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج ۽ مانسهره ۾ ميڊيڪل، نرسنگ ڪاليج ۽ ٽراما سينٽر جي قيام جو به اعلان ڪيو.
ايڪسپريس نيوز موجب مانسهره ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير سهيل آفريدي هزاره ڊويزن لاءِ 200 ارب رپين جي جامع ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته 200 ارب رپين مان 50 ارب رپيا صرف سياحت جي منصوبن تي خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته مانسهره ۾ ميڊيڪل ڪاليج، نرسنگ ڪاليج ۽ ٽراما سينٽر جو قيام به عمل ۾ آندو ويندو.
وڏي وزير تنيوال فيڊر جي قيام ۽ 15 ڪلوميٽر اوگي روڊ جي تعمير جو پڻ اعلان ڪيو جڏهن ته تنيوال ۽ دربند تعلقن کي پڻ جلد مڪمل طور تي فعال بڻايو ويندو.
سهيل آفريدي چيو ته شيخ ادريس صاحب کي ڪالهه شهيد ڪيو ويو، ان کان اڳ به قيمتي ماڻهو شهيد ٿيا، جڏهن اسان دهشتگردي خلاف آواز اٿاريندا هئاسين ته چوندا هئا ته اسان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيون، جڏهن بيگناهه شهيد ٿيڻ شروع ٿيا ته هاڻي چون ٿا ته آپريشن ڪنداسين.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه کي ليبارٽري بڻايو پيو وڃي، ان جو نقصان غريب عوام کي ٿي رهيو آهي، 180 سيٽون کٽيندڙ کي جيل ۾ وڌو ويو، 17 سيٽون کٽيندڙ کي اسان تي مسلط ڪيو ويو، جيستائين اسان پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارينداسين تيستائين ظلم ۽ جبر جو سلسلو جاري رهندو.
سهيل آفريدي چيو ته اسان کي متحد ٿي پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻو پوندو، اسان عمران خان جي نظريي لاءِ جانون قربان ڪيون آهن، کيس ڏک ۾ ڏسي ڏک ٿيندو آهي.
هن چيو ته بئريسٽر سلمان صفدر ذريعي عمران خان کي پيغام موڪليو ته مان تيار آهيان ۽ قوم به تيار آهي.
سهيل آفريدي چيو ته مان عمران خان جي حڪم کانسواءِ ڪنهن جي به نه ٻڌندس ۽ نه ئي مڃندس. جڏهن منهنجي نامزدگي جو اعلان ڪيو ويو ته مختلف الزام هنيا ويا پر مان ثابت قدم رهيس. جڏهن اهي ناڪام ٿيا ته منهنجي اباڻي علائقي ۾ آپريشن جو اعلان ڪيو ويو.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته منهنجو عوام مون سان گڏ بيٺو آهي، کين خبر آهي ته سندن ووٽ تي ڪير ڦريو، ڪير ٻيٽ خريد ڪري رهيو آهي، مان پنهنجي ليڊر ۽ قائد جي پارٽي کي ڪڏهن به نقصان نه پهچائيندس، عمران خان سان ملاقات لاءِ سمورا آئيني ۽ قانوني طريقا استعمال ڪيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ۽ سندس گهرواري جو ذاتي ڊاڪٽرن ۽ فيملي جي موجودگي ۾ علاج نه پيو ٿئي، جڏهن سمورا رستا بلاڪ، ڀتيون لڳايون وڃن ته پوءِ اسان وٽ رڳو احتجاج جو رستو آهي.
سهيل آفريدي چيو ته اسان کي هڪ ٻئي جي طاقت بڻجي کين شڪست ڏيڻي آهي، اشرافيه مافيا ڪڏهن به نه چاهيندي ته مڊل ڪلاس اڳتي اچي، عمران خان پهريون ڀيرو مڊل ڪلاس جي ڇوڪرو کي وڏي وزير جي ڪرسي تي ويهاريو آهي.
وڏي وزير ڪارڪنن ۽ عوام کي يقين ڏياريو ته مان توهان سان واعدو ڪيان ٿو ته عمران خان ۽ عوام جي اعتماد کي مجروح نه ڪندس.


