ايران پاڪستان ذريعي آمريڪا سان جاري سفارتي رابطن ۽ پيغامن جي مٽاسٽا جي تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪي تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي ۽ پاڪستان کي پنهنجي موقف کان جلد آگاهه ڪيو ويندو.
ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ذريعي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پيغامن جي مٽاسٽا ٿي رهي آهي. هن چيو ته جنگ بندي جي حوالي سان آمريڪي تجويزن ۽ سفارتي پيغامن جي متن جو بغور جائزو ورتو پيو وڃي پر ايران اڃا تائين انهن تجويزن جو باضابطا جواب ناهي ڏنو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب تهران پنهنجو سرڪاري جواب جلد پاڪستان ذريعي واشنگٽن کي ڏيندو. هن واضح ڪيو ته هن مرحلي ۾ مختلف تجويزون غور هيٺ آهن ۽ ايران پنهنجي قومي مفادن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندو.
ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امڪاني فائربندي معاهدي کي هاڻي هڪ صفحي تائين محدود ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جنگ ختم ڪرڻ، آبنائے هرمز ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڪجهه پابندين ۾ نرمي شامل آهن.
ان دوران آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو تازو ئي چيو آهي ته اها جنگ، جنهن کي آمريڪا ”آپريشن ايپيڪ فيوري“ سڏيو آهي، جيڪا 28 فيبروري تي شروع ٿي هئي، اها هاڻي پڄاڻيءَ جي ويجهو آهي.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به آبنائي هرمز ۾ بحري آپريشن ”پروجيڪٽ فريڊم“ کي عارضي طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٽرمپ موجب اهو فيصلو پاڪستان ۽ ٻين ملڪن طرفان ڳالهين ۾ اڳڀرائي جا مثبت اشارا ملڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
تجزيه نگارن موجب موجوده صورتحال ۾ پاڪستان خطي ۾ اهم سفارتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ اهم ثالث بڻجي سامهون آيو آهي.


