تهران: ايران چيو آهي ته سندس پاڙيسري ملڪن يا خطي جي اسلامي ملڪن سان ٽڪراءُ جو ڪو ارادو ناهي پر جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملا جاري رکي ته جنگ جو دائرو نئين محاذن تائين پکڙجي سگهي ٿو.
ايراني فوج جي ترجمان محمد اڪرمنيا هڪ بيان ۾ چيو ته ايران هميشه خطي جي ملڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون جي فروغ جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته ايران جي هٿياربند فوج جي بنيادي ذميواري ملڪ جي سلامتي، قومي مفادن ۽ خودمختياري جو دفاع ڪرڻ آهي ۽ ان مقصد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
ترجمان واضح ڪيو ته ايران پاڙيسري ملڪن سان ڪنهن به قسم جي ٽڪراءَ نٿو چاهي پر خطي ۾ استحڪام ۽ تعاون کي ترجيح ڏئي ٿو.
ٻئي طرف محمد اڪرمنيا خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا طرفان ايران خلاف فوجي ڪارروايون جاري رهيون ته ايران پنهنجي جوابي ڪارروائي جو دائرو وسيع ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪي جارحيت جاري رهي ته جنگ نون محاذن تي پکڙجي ويندي. سندس چوڻ هو ته ايران جي هٿياربند فوجن جون مڪمل صلاحيتون اڃا استعمال نه ڪيون ويون آهن ۽ جيڪڏهن دشمن وڌيڪ حملا ڪيا ته ايران جو جواب صورتحال جي مناسبت سان ڏنو ويندو، جيڪو مخالفن جي اميدن کان وڌيڪ سخت ٿي سگهي ٿو.
ايراني اختيارين جا اهي بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ مسلسل وڌي رهي آهي ۽ خطي ۾ فوجي سرگرمين سبب وچ اوڀر جي صورتحال کي انتهائي حساس قرار ڏنو پيو وڃي.
سياسي مبصرن موجب ايران هڪ طرف پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان جي پاليسي سندن خلاف ناهي ته ٻئي طرف آمريڪا کي سخت پيغام ڏئي رهيو آهي ته وڌيڪ حملن جي صورت ۾ تڪرار وڌي سگهي ٿو.


