ڀارت جو اڳوڻو انڊر 19 ڪرڪيٽر امان پريت سنگهه گل 36 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب امان پريت سنگهه گل چندي گڑھ ۾ فوت ٿي ويو. هن پنجاب لاءِ گهريلو ڪرڪيٽ کيڏيو هو ۽ هندستان جي انڊر 19 ٽيم جو پڻ حصو هو.
امان پريت سنگهه گل 2007 ۾ انگلينڊ، ملائيشيا ۽ سريلنڪا جي دوري ۾ هندستان جي انڊر 19 ٽيم جي نمائندگي ڪئي. هو ڪرڪيٽ ۾ تيز بالنگ جي ڪري مشهور هو.
پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پنجاب جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ سينيئر سليڪشن ڪميٽي پنجاب جي ميمبر امان پريت سنگهه گل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
هن پنجاب جي ڪرڪيٽ کي لگن ۽ جذبي سان خدمت ڪئي، ٽيمن جي نمائندگي ڪئي جنهن ۾ انڊيا انڊر 19، ڪنگز اليون پنجاب ۽ پنجاب شامل آهن. pic.twitter.com/tpr0EwEprk
– پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (@pcacricket) مئي 6، 2026
ڀارت جو اڳوڻو ڪپتان ويرات ڪوهلي به امن پريت جي انڊر 19 ٽيمن ۾ شامل هو، جڏهن ته اڳوڻي آل رائونڊر يووراج سنگهه به سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ڀارتي ڪرڪيٽ جون شخصيتون ۽ مداح سوشل ميڊيا تي مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن.
امان پريت سنگهه گل فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ پنجاب جي نمائندگي ڪئي ۽ 6 ميچ کيڏيا جڏهن ته هو آءِ پي ايل جي فرنچائز پنجاب ڪنگز اسڪواڊ جو پڻ حصو هو.


