راولپنڊي:
غلام سرور خان جي پٽ ۽ اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر عمار صديقي جي اغوا جي ڪوشش راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي.
پوليس موجب عمار صديق پنهنجي ڊرائيور سان سنگ جاني ويجهو وڃي رهيو هو ته مختلف گاڏين ۾ سوار نامعلوم ماڻهن سندس گاڏي روڪي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ڊرائيور کي ڪجهه فاصلي تي ڇڏي ڏنو ۽ عمار صديق کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي راولپنڊي ۽ اسلام آباد پوليس ايڪشن ۾ اچي وئي ۽ مختلف هنڌن تي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
پوليس ذريعن موجب ڪجهه دير کانپوءِ اطلاع مليو ته عمار صديق پنهنجي گهر واپس پهچي ويو آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي نوعيت بابت جاچ جاري آهي، اغوا ۾ ملوث ماڻهن ۽ ان جي پويان ڪهڙا ڪارڻ هئا، جڏهن ته مختلف علائقن مان سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ثبوت پڻ گڏ ڪيا پيا وڃن.


