تائيوان اسان جي ڳاڙهي لڪير آهي، آمريڪا ڏانهن چين جو غير واضح پيغام

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


چين جي وزيراعظم تائيوان جي معاملي کي آمريڪا ۽ چين لاڳاپن ۾ ريڊ لائين قرار ڏيندي چيو آهي ته ان حد کي پار نٿو ڪري سگهجي.

بيجنگ ۾ چيني وزيراعظم سان آمريڪي سينيٽر اسٽيو ڊينس ۽ سندس وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، اقتصادي سهڪار ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آمريڪي وفد سان ڳالهائيندي چيني وزيراعظم واضح ڪيو ته تائيوان جو مسئلو چين جي بنيادي مفادن سان جڙيل آهي ۽ اهو چين-آمريڪا لاڳاپن ۾ انتهائي حساس معاملو آهي.

هن چيو ته چين پنهنجي خودمختياري ۽ قومي سالميت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته چين آمريڪا سان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ٻنهي وڏين معيشتن جي وچ ۾ عملي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿو.

ٻئي طرف آمريڪي سينيٽر اسٽيو ڊينس ملاقات دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ استحڪام، اقتصادي تعاون ۽ پرامن لاڳاپا عالمي معيشت ۽ خطي ۾ امن لاءِ ضروري آهن.

ماهرن موجب تائيوان جو مسئلو گذريل ڪجهه سالن ۾ واشنگٽن ۽ بيجنگ وچ ۾ سڀ کان وڌيڪ حساس تڪرار بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا بيان خطي ۾ سفارتي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment