ايران آمريڪا ڇڪتاڻ تي قطر ۽ چين متحرڪ، ٻنهي ملڪن وڏا مطالبا ڪري ڇڏيا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


دوحا/ بيجنگ: قطر ۽ چين ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو تحمل جو مظاهرو ڪن، جنگ جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪين ۽ سفارتي ڳالهيون جاري رکن.

نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب قطر ڪويت ۽ بحرين تي ايران جي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙا عمل خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ نقصانڪار آهن.

قطري پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خطي کي اهڙن بلاجواز حملن جي نتيجي کان بچائڻ ضروري آهي.

وزارت ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪيو وڃي ۽ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تحت ٿيل اڳڀرائي کي اڳتي وڌايو وڃي.

قطر ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ اهم ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان ڪري هن بيان کي موجوده صورتحال ۾ خاص اهميت جوڳو قرار ڏنو پيو وڃي.

ٻئي طرف چين به آمريڪا طرفان ايران ۾ ڪيترن ئي هدفن تي حملن کانپوءِ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائو ننگ بيجنگ ۾ ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته وچ اوڀر ۾ جنگ کي ٻيهر ڀڙڪائڻ ڪنهن به ڌر جي مفاد ۾ ناهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوجي آپريشن بنيادي مسئلن جو حل ناهي، سمورن لاڳاپيل ملڪن کي ڳالهين ۽ سفارتي طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن.

چيني حڪومت ايران ۽ آمريڪا ٻنهي تي زور ڏنو ته هو تحمل کان ڪم وٺن، وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن ۽ ڳالهين ذريعي اختلافن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

سياسي تجزيه نگارن موجب قطر ۽ چين جا بيان ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته عالمي برادري وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ لاءِ سفارتي حل جي حمايت ڪري رهي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment