سنڌ حڪومت پاران تعليمي بورڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي معيار جو امتحاني نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


سنڌ حڪومت سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت سمورن تعليمي بورڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي معيار جو امتحاني نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان تعليمي بورڊن جي عملي کي آءِ ٽي ماهرن کان خاص تربيت ۽ بورڊن کي جديد سامان فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي تعليم واري وزير محمد اسماعيل راهو سيڪريٽري يونيورسٽيز جي آفيس ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نمائندن سان اهم ملاقات ڪئي.

اجلاس ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن جي نمائندن مسٽر خرم، مس مارلا، مس ثمينه ۽ ڊاڪٽر عثمان پڻ شرڪت ڪئي.

ملاقات ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رضوان سومرو، ڊپٽي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر لقمان نوهري ۽ امتحاني سڌارا ماهر عطا حسين لاکو پڻ موجود هئا.

اجلاس ۾ سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت امتحاني نظام کي جديد بڻائڻ، اي-مارڪنگ، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي وڌائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.

يونيورسٽين واري وزير چيو ته سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ روايتي امتحاني طريقي بدران اي مارڪنگ متعارف ڪرايو پيو وڃي. ان اهم منصوبي جي منظوري لاءِ تجويزون سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيون وينديون. سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ منصوبي تي تيز رفتاري سان عمل ڪيو ويندو.

محمد اسماعيل راهو چيو ته پراجيڪٽ تحت سمورن تعليمي بورڊن کي اسڪينر، ڪٽنگ مشينون، سرور ۽ ٻيو جديد سامان پڻ فراهم ڪيو ويندو.

ترجمان چيو ته چيئرمين انٽرميڊيٽ بورڊ ڪراچي فقير محمد لاکو کي امتحاني نظام کي جديد بڻائڻ جي منصوبي جو فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو آهي.

صوبائي وزير چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان شروع ڪيل سڌارن وارو قدم سنڌ جي امتحاني نظام کي جديد خطوط تي استوار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، تعليمي بورڊن جي اداري جي ڪارڪردگيءَ ۾ به اضافو ٿيندو، امتحانن ۽ گورننس سسٽم کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان امتحاني نظام جي ميرٽ، شفافيت ۽ ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment