النصر جي پرتگالي سپر اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو فٽبال جي تاريخ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب پرتگالي سپر اسٽار ٽن مختلف وڏن نيشنل ليگز ۾ 100 يا ان کان وڌيڪ گول اسڪور ڪندڙ دنيا جو پهريون فٽبالر بڻجي ويو آهي.
رونالڊو اهو تاريخي سنگ ميل النصر جي الشباب تي 2-4 جي فتح دوران حاصل ڪيو.
ميچ جي 75 هين منٽ ۾ ساڊيو ماني جي پاس تي رونالڊو بال کي نيٽ ۾ موڪليو، جيڪو سعودي پرو ليگ جي 105 ميچن ۾ سندس 100 هون گول هو.
هن اڳ ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ لاءِ پريميئر ليگ ۾ 103 گول ۽ ريئل ميڊرڊ لاءِ لا ليگا ۾ 311 گول ڪيا آهن.
رونالڊو اٽلي جي سري اي ۾ به 81 گول ڪري چڪو آهي ۽ چئن مختلف ليگز ۾ گولڊن بوٽ کٽيندڙ پهريون رانديگر آهي.
ياد رهي ته النصر هن وقت سعودي پرو ليگ ۾ ٽاپ تي آهي ۽ ٽيم کي اميد آهي ته رونالڊو هن سيزن ۾ ليگ ٽائيٽل ۽ اي ايف سي چيمپيئنز ليگ ٽو جو ٽائيٽل کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.


