ايشين گيمز 2026 لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ايشين گيمز 2026ع ۾ مردن جا ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل مقابلا 24 سيپٽمبر کان جاپان جي شهر ايچي ۾ شروع ٿيندا، جڏهن ته ميڊل ميچون 3 آڪٽوبر تي کيڏيون وينديون، 30 ورهين جي صاحبزاده فرحان کي قومي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نائب ڪپتان جون ذميواريون عبدالصمد سرانجام ڏيندو.
صاحبزاده فرحان پاڪستان لاءِ 46 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ 1305 رنسون اسڪور ڪيون آهن جنهن ۾ 2 سينچريون ۽ 10 ففٽيون شامل آهن. عاڪف جاويد، علي رضا، معاذ صداقت ۽ سعد مسعود پهريون ڀيرو ٽي 20 انٽرنيشنل سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جا منتظر آهن.
ايشين گيمز جي اسڪواڊ ۾ شامل 15 رانديگرن مان 14 رانديگر نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي وائيٽ بال ڪيمپ جو به حصو هوندا، 15 جون کان لاهور ۾ شروع ٿيندڙ وائيٽ بال ڪيمپ. 2026ع جي ايشين گيمز ۾ مردن جو ڪرڪيٽ ايونٽ جاپان جي ايچي صوبي جي ڪروگي ايٿليٽڪ پارڪ ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ:
صاحبزاده فرحان (ڪئپٽن)، عبدالصمد (وائيس ڪپتان)، ابرار احمد، احمد دانيال، عاڪف جاويد، علي رضا، عرفات منهاس، حيدر علي، حسن نواز، معاذ صداقت، محمد سلمان مرزا، سعد مسعود، سعيد ايوب، سفيان مقيم ۽ عثمان خان.


