بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اذان اويس جي شاندار ڊيبيو پاڪستان جي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي.
ميرپور ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تائين پاڪستان بنگلاديش جي 413 رنسن جي جواب ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهي ورتيون.
اذان اويس 85 ۽ عبدالله فضل 37 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. امام الحق 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
بنگلاديش طرفان مهدي حسن ميرز واحد وڪيٽ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ بنگلاديش 301 رنسن تي 4 رانديگر آئوٽ تي بيٽنگ شروع ڪئي پر ڪو به رانديگر گهڻو وقت ڪريز تي نه رهي سگهيو ۽ پوري ٽيم 413 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
لٽن داس 33، مهدي حسن ميراز 10، تيج الاسلام 17، مشفيق الرحيم 71، عبادت حسين صفر ۽ تسين احمد 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پاڪستان طرفان محمد عباس 5، شاهين آفريدي 3 جڏهن ته حسن علي ۽ نعمان علي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي، جنهن بعد بنگلاديش پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تائين نجم الحسن (101) ۽ مومن الحق (91) جي شاندار بيٽنگ جي بدولت 4 وڪيٽن جي نقصان تي 301 رنسون ٺاهيون هيون.


