ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ ٽيم مڪمل طور تي تيار آهي، بابر اعظم

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ ٽيم جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

پهرين ٽيسٽ کان اڳ برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسڪواڊ ڀرپور اعتماد سان ميدان ۾ لهندو.

بابر اعظم جو چوڻ هو ته ٽيم گذريل ٻن مهينن کان هن سيريز ۽ ايندڙ عالمي مقابلن جي تياري ڪري رهي آهي جڏهن ته رانديگرن فٽنس ۽ مهارت تي سخت محنت ڪئي آهي.

هن ٻيهر ٽيسٽ ڪپتان مقرر ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ان ذميواري جو ڪو به دٻاءُ ناهي، گذريل قيادت جي دور ۾ حاصل ڪيل تجربا هن ڀيري ٽيم لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا.

بابر اعظم موجب قومي ٽيم ۾ نوجوان ۽ تجربيڪار رانديگرن جو سٺو ميلاپ آهي، جنهن ڪري ڪاميابي جي اميد آهي.

قومي ڪپتان زخمي سبب سيريز کان ٻاهر ٿيندڙ نوجوان اوپنر عبدالله فضل جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو باصلاحيت ۽ پراعتماد بيٽسمين آهي جنهن پنهنجي پهرين ٽيسٽ سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.

پچ جي حوالي سان بابر اعظم چيو ته تازو برساتن سبب وڪيٽ فاسٽ بالرز لاءِ وڌيڪ سازگار نظر اچي رهي آهي، ان ڪري فاسٽ بالر ميچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment