فيڊرل بي ايريا ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (فاباٽي) جي صدر شيخ تحسين چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ صنعتي شعبي جي کمر ٽوڙي ڇڏي آهي.
شيخ تحسين جو چوڻ هو ته سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ويٽنام سميت ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ معمولي واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ صورتحال ان جي برعڪس آهي، جتي قيمتون مسلسل ۽ غيرمعمولي طور تي وڌي رهيون آهن.
هن چيو ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پيٽروليم ليوي معاهدي صنعتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت 160 رپيا في پيٽروليم ليوي وصول ڪري رهي آهي. پيٽروليم ليوي ۾ مسلسل 29 رپيا 92 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.
فاباٽي جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته توانائي جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو پيداواري لاڳت کي خطرناڪ حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي، حڪومت تيل جي اگهن تي مسلسل ٽيڪس وڌائي قيمتن کي بلند ترين سطح تي ڌڪي ڇڏيو آهي. ڊيزل جي اگهن ۾ 93 سيڪڙو واڌ سبب ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا 40 سيڪڙو وڌي ويا آهن.
شيخ تحسين جو چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازو اضافو ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي جي شرح کي نئين بلندين تائين پهچائيندو. ڪارخانا بند ٿيڻ جي طرف وڌي رهيا آهن ۽ پاڪستاني شين جي ايڪسپورٽ سرگرمي گهٽجي وئي آهي.
شيخ تحسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آءِ ايم ايف سان موثر ڳالهيون ڪيون وڃن ته جيئن صنعتي شعبي کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.


