اسلام آباد:
حڪومت گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جيٽ فيول جي قيمتن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 41 رپيا 80 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 318 رپيا 96 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 21 رپيا 7 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سان نئين قيمت 287 رپيا 54 پيسا کان گهٽجي 265 رپيا 84 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
ان جي برعڪس جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ جيٽ فيول 53 رپيا 11 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. جيٽ فيول جو اگهه 388 رپيا 55 پيسا مان وڌائي 441 رپيا 66 پيسا في ليٽر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته جيٽ فيول جي اگهن ۾ واڌ سان ڪمرشل اڏام جون ٽڪيٽون مهانگيون ٿي وينديون.
حڪومت طرفان گذريل رات جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 92 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 15 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل عوام کي رليف ڏيڻ بدران مٿن پيٽروليم ليوي جو وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو آهي.


