سنڌ حڪومت عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سرڪاري ملازمن جون پگهارون 20 مئي کان اڳ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته عيدالاضحيٰ 27 يا 28 مئي 2026ع تي ٿيندي، جڏهن ته سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سمورن مسلمان سرڪاري ملازمن کي مئي جو پگهار الائونس ۽ پينشن 20 مئي تائين جاري ڪئي ويندي. سنڌ جي ناڻي کاتي پاران پگهارون جلد ادا ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ عيد الاضحي جي تيارين کي نظر ۾ رکندي پگهارون جلد ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
Source link

سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

