وفاقي سول حساس اداري ۽ فيروز آباد پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي اسڪول جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪندڙ مک جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان منشيات هٿ ڪري ورتي.
تفصيل موجب وفاقي سول حساس اداري ۽ فيروز آباد پوليس گڏيل ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محمد فيضان ولد محمد نديم طور ٿي آهي، گرفتار جوابدار شهر جي سولجر بازار، گارڊن، بهادر آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اسڪولي شاگردن کي چرس وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث هو.
گرفتار جوابدار گذريل ڏينهن پوليس هٿان گرفتار ٿيڻ بعد سندس ذاتي موبائل فون نمبر بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ منشيات فروشن لاءِ ٻيا نمبر استعمال ڪري رهيا هئا.
گرفتار جوابدار انڪشاف ڪيو ته گرفتاري کان اڳ هو وحيد رمضان کان منشيات حاصل ڪندو هو، بعد ۾ سندس هڪ دوست ابراهيم (اليڪٽريڪل) کيس ناصر نالي هڪ منشيات فروش سان رابطو ڪيو جنهن کان هو منشيات خريد ڪندو هو.
گرفتار جوابدار ڪشهر جي علائقي معصوم شاهه (مسجد)، ٺارو لائين ۽ گارڊن ڀرسان تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪندو هو.
ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان 1250 گرام اعليٰ قسم جي چرس ۽ 25 گرام چرس پڻ هٿ ڪئي وئي.


