رانديگرن جي صحت ۽ راند جي شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻندي پاڪستان هاڪي فيڊريشن قومي جونيئر ۽ سينيئر هاڪي ڪئمپن ۾ اينٽي ڊوپنگ ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صدر پي ايڇ ايف محي الدين احمد واني جي خاص هدايتن تي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ جاري سينيئر ۽ جونيئر نيشنل هاڪي ڪيمپن لاءِ نيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڊوپنگ ٽيسٽ ۾ ملوث يا پاسو ڪرڻ وارن رانديگرن جي خلاف ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي. اهڙن رانديگرن کي فوري طور ڪيمپ مان معطل ڪيو ويندو ۽ سخت انضباطي ڪارروائي ڪئي ويندي. سڀني رانديگرن کي WADA ڪوڊ جي مڪمل تعميل جو لکيل حلف نامو جمع ڪرائڻو پوندو. ٽريننگ ڪيمپن دوران رانديگرن جا ڪنهن به وقت بغير اطلاع جي رينڊم ڊوپ ٽيسٽ ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ ڪيمپ ۾ واڊا جا عملدار رانديگرن جي مڪمل نگراني ڪندا جڏهن ته ممنوع منشيات بابت رانديگرن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ هفتيوار بنيادن تي تعليمي سيشن منعقد ڪيا ويندا. پي ايڇ ايف جي صدر محي الدين احمد واني جو چوڻ آهي ته ڊوپنگ جهڙا معاملا پاڪستان کي عالمي سطح تي مذاق بڻائي رهيا آهن. پاڪستان هاڪي جي عظيم روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ ڊوپ ٽيسٽ جي عمل کي هر صورت ۾ شفاف ۽ لازمي بڻايو ويندو. انهن حڪمن تي فوري طور تي عمل ڪيو ويو آهي.
Source link

پي ايڇ ايف جونيئر ۽ سينيئر هاڪي ڪئمپن ۾ اينٽي ڊوپنگ ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

