ڪراچي:
شهر قائد ۾ گلبرگ ۽ سمن آباد جي مکيه شاهراهن تي قائم غيرقانوني بکري مارڪيٽ شهرين لاءِ زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، جتي سڄي شهر مان ايندڙ واپارين روڊن تي قبضو ڪري ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽن مطابق غيرقانوني بازار لڳڻ سبب مين شاهراهه مڪمل طور بند ٿي ويو، شهري ڪلاڪن تائين سخت ٽريفڪ جام ۾ ڦاٿل رهيا، جڏهن ته علائقي واسين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.
غيرقانوني مارڪيٽ هٽائڻ لاءِ ڪي ايم سي جو عملو واقعي واري هنڌ پهتو ته واپاري ناراض ٿي ويا ۽ ڪي ايم سي جي اهلڪارن تي چڙهائي ڪئي.
ذريعن موجب اهلڪارن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ واري ٿي وئي.
واقعي دوران پوليس ۽ سول انتظاميه به موقعي تي موجود هئي پر ڪي ايم سي، ٽريفڪ پوليس ۽ ضلعي پوليس غيرقانوني بازار هٽائڻ ۾ ناڪام وئي.


