سنڌ جي صحت واري وزير خاص پوليو بوسٽر مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو صوبي ۾ پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ پوليو بوسٽر مهم جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندڙ اهم افتتاحي تقريب دوران صحت واري وزير ٻارن لاءِ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جو آغاز ڪيو. ان موقعي تي صحت واري سيڪريٽري طاهر حسين سانگي، اي او سي جي ڪوآرڊينيٽر شهريار ميمڻ ۽ صحت کاتي جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.

تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت صوبي مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن چيو ته پوليو جهڙي موذي موذي مرض کان ٻارن کي بچائڻ لاءِ اميونويشن تمام ضروري آهي ۽ ان سلسلي ۾ والدين جو تعاون اهم آهي.

هن والدين تي زور ڏنو ته هو 4 کان 10 سالن جي عمر جي ٻارن کي پوليو جا بوسٽر ڊوز ڏين ته جيئن کين مستقل معذوري جي خطري کان بچايو وڃي. مهم دوران پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي جا موثر انتظام ڪيا ويا آهن ۽ حساس علائقن تائين پهچن ته جيئن هر ٻار کي ڦڙا پياري وڃي.

هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت، والدين، استادن، عالمن ۽ سول سوسائٽي کي ذميواريون نڀائڻيون پونديون ته جيئن ايندڙ نسلن کي ان موذي مرض کان بچائي سگهجي.
ان خصوصي مهم تحت ڪراچي جي 89 يوسيز سميت مختلف ضلعن ۾ گهر گهر ۽ قائم ڪيل سينٽرن تي لکين ٻارن کي بوسٽر ڊوز فراهم ڪيا ويندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment