جنگبندي باوجود غزه ۾ خونريزي جو سلسلو جاري، اسرائيلي حملي ۾ پوليس سربراهه سميت 3 فلسطيني شهيد

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


غزه ۾ جنگبندي جي باوجود اسرائيلي حملن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اچي وئي آهي، تازي فضائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 فلسطيني مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب حملن ۾ حماس جي پوليس فورس جي ٻن اهلڪارن کي به نشانو بڻايو ويو.

رپورٽن مطابق غزه جي ڪرمنل پوليس فورس جو سربراهه وسام عبدالهادي ۽ سندس مددگار ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ مارجي ويا. حملي کانپوءِ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي جڏهن ته علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو.

ان دوران مغازي پناهگير ڪيمپ ۾ هوائي حملي ۾ هڪ فلسطيني شهري مارجي ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ امدادي سرگرميون شروع ڪيون ويون، جڏهن ته جنازي ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

غزه جي گهرو وزارت اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته جنگ بندي جي باوجود غزه ۾ بدامني ۽ افراتفري پيدا ڪرڻ لاءِ پوليس اهلڪارن کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي.

مقامي ذريعن موجب آڪٽوبر 2025 ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اسرائيلي حملن ۾ 850 فلسطيني مارجي ويا آهن، غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 2023ع کان جاري جنگ ۾ 72500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتون ۽ ٻارڙا آهن.

ٻئي طرف اسرائيل ۽ حماس هڪ ٻئي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جا الزام لڳائي رهيا آهن، جنهن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment