ڪينيا ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف پرتشدد احتجاج، 4 ڄڻا مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪينيا ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج دوران 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب احتجاجن سبب راڄڌاني نيروبي سميت مختلف شهرن ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام سخت متاثر ٿيو ۽ ڪيترائي روڊ بند رهيا.

رپورٽن مطابق وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ آبنائي هرمز جي بندش سبب عالمي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪينيا حڪومت گذريل هفتي ڊيزل سميت مختلف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ڊيزل جي قيمت ۾ 23.5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ واڌ ڪئي وئي، ٽرانسپورٽ ڪارڪنن پاران هڙتال جي سڏ کي تيز ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن مختلف هاءِ ويز تي بيريڪيڊس قائم ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي گاڏين جي آمد و رفت روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. خانگي ميني بس سروس ”متاتو“ جي بندش سان هزارين شهرين کي سفري مشڪلاتون پيش آيون آهن.

ڪينيا جي گهرو وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احتجاج دوران 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا. هن الزام لڳايو ته ڪجهه شرپسند عناصر احتجاج کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو.

اختيارين موجب پوليس ڪارروائي ڪندي 348 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد بند روڊ کوليا ويا.

احتجاجن سبب تعليمي ادارا بند رهيا ۽ ڪيترائي واقعا منسوخ ڪيا ويا، جڏهن ته نيروبي جي مصروف روڊن تي غير معمولي خاموشي هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment