مڪه: فلڪيات جي ماهرن موجب اربع 15 جولاءِ تي سج سڌو ڪعبي جي مٿان اچي ويندو، جنهن سبب ڪعبي کي ڪجهه لمحن لاءِ مڪمل پاڇو پئجي ويندو.
هن نادر ڪلاسيڪل موقعي تي سڄي دنيا جا مسلمان بغير ڪنهن کمپاس جي به قبله جو صحيح رخ ڳولي سگهندا.
جده اسٽرانوميڪل سوسائٽي جي مطابق، رات 12:26:44 پي ايم. مڪي جي مقامي وقت موجب سج ڪعبي جي مٿان 90 ڊگرين جي زاويه تي هوندو. ان وقت سج ۽ ڪعبه هڪ ئي عمودي لڪير تي هوندا، جنهن ڪري ڪعبي جو پاڇو به نظر نه ايندو.
پاڪستان ۾ اهو منظر 2:26:44 منٽن تي ٿيندو.
ماهرن موجب جيڪي ماڻهو هن وقت سج جي سامهون بيٺا هوندا، اهي پنهنجي جاءِ تي سڌي ڪاٺ يا لٺ جو پاڇو ڏسي سگهندا. هن پاڇي جي بلڪل سامهون واري طرف ڪعبي جو رخ هوندو، يعني قبله جو رخ، جنهن کي استعمال ڪري گهرن، مسجدن ۽ ٻين هنڌن تي قبله جي صحيح رخ جو تعين ڪري سگهجي ٿو.
فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي قدرتي واقعو سال ۾ ٻه ڀيرا ٿئي ٿو ۽ صدين کان مسلمان قبله جي رخ جي تصديق لاءِ اهو طريقو استعمال ڪندا رهيا آهن.
قديم زماني ۾ جڏهن جديد اوزار ۽ کمپاس موجود نه هئا، تڏهن عالمن ۽ فلڪيات جي ماهرن سج جي ان حالت مان فائدو وٺندي ڪاٺ کي زمين ۾ دفن ڪري ان جي پاڇي جي سامهون رخ کي قبلي جي رخ جو تعين ڪيو.
ماهرن ان موقعي مان فائدو کڻڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ چيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي گهر يا مسجد ۾ قبله جي رخ جي تصديق ڪرڻ چاهين ٿا اهي مقرر وقت تي هي آسان طريقو استعمال ڪري سگهن ٿا.


