اسلام آباد:
حڪومت گيس سيڪٽر جي گردشي قرض کي ختم ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ نئين ليوي جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب حڪومت گئس گردشي قرضن جي انتظام جو پلان آءِ ايم ايف کي جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تي عالمي مالياتي اداري اهم سوال اٿاريندي حڪومت کان وڌيڪ وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف توانائي شعبي تي وڏو دٻاءُ قرار ڏيندي گئس جي گردشي قرضن جي حل لاءِ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان دوران حڪومت پاران گئس تي 5 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي، جڏهن ته سرڪاري ڪمپنين جي ڊيويڊنڊ ذريعي گئس جي گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جو منصوبو به آءِ ايم ايف آڏو رکيو ويو آهي.
اختيارين موجب ان منصوبي تحت مختلف مالي ذريعن ذريعي گئس شعبي جي ذميدارين کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ ساليانو 35 ايل اين جي ڪارگو وڪرو ڪرڻ جو فيصلو پڻ منصوبي جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. ايل اين جي ڪارگوز جي وڪرو مان هر سال 160 ارب رپيا آمدني جو اندازو لڳايو ويو آهي، جنهن سان گردشي قرضن جو دٻاءُ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
اهڙي طرح سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن جي بهتر ریکوري ذريعي 61 ارب رپين جي اضافي وصولي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۾ گئس جي شعبي جو گردشي قرض 3400 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل ۽ ٻين ڪمپنين تي به 150 ارب رپيا قرض آهن، جنهن سبب توانائي شعبي تي مالي دٻاءُ مسلسل وڌي رهيو آهي.


