ايس اي سي پي 5 سيڪيورٽي بروڪرز کي اسلامڪ بروڪريج ونڊوز کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان 5 سيڪيورٽي بروڪرز کي اسلامڪ بروڪريج ونڊوز کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ايس اي سي پي موجب اسلامڪ بروڪريج ونڊوز ذريعي سيڙپڪار سڌو سنئون شريعت مطابق شيئرز، سکوڪ ۽ اسلامڪ اي ٽي ايفز ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهندا، جنهن سان حلال سيڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلامڪ بروڪريج ونڊوز ۾ اڪائونٽ کولڻ وارن سيڙپڪارن جا فنڊ صرف شريعت مطابق سيڙپڪاري ۾ استعمال ٿيندا، جڏهن ته انهن ونڊوز لاءِ الڳ اسلامي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٽريڊنگ سسٽم به مختص ڪيا ويندا.

ايس اي سي پي جو چوڻ آهي ته اسلامڪ بروڪريج ونڊوز ذريعي واپار جي اجازت صرف شريعت مطابق ڪمپنين ۾ هوندي.

ڪميشن موجب ملڪ ۾ اسلامي مالياتي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مسلسل سڌارا جاري آهن ۽ اهو قدم ان ئي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment