آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ۾ فلسطيني قيدين تي مبينا جنسي تشدد بابت شايع ٿيل رپورٽ تي اسرائيل سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. اسرائيلي پرڏيهي وزارت ان پيپر تي سخت تنقيد ڪئي، ان کي ”جديد صحافت ۾ بدترين غلط ڄاڻ واري مهم“ قرار ڏنو.
مشهور آمريڪي صحافي ۽ ٻه ڀيرا پلٽزر پرائيز ماڻيندڙ نڪولس ڪرسٽوف جي لکيل رپورٽ ۾ اسرائيلي فوجين، پڇا ڳاڇا ڪندڙن ۽ جيل اهلڪارن پاران فلسطيني قيدين سان ”وحشي جنسي زيادتي“ جا الزام ظاهر ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾، والاريل ويسٽ بئنڪ ۾ متاثرين سان ڪيل انٽرويوز جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته فلسطينين، حتي ٻارن جي خلاف جنسي تشدد هڪ وسيع ۽ منظم رواج بڻجي چڪو آهي.
نيڪولس ڪرسٽوف لکيو آهي ته جڏهن ته ان ڳالهه جو ڪو ثبوت ناهي ته اسرائيلي قيادت سڌي طرح اهڙين ڪاررواين جو حڪم ڏئي ٿي، پر اهو عمل مبينا طور تي انهن جي نگراني ۾ سيڪيورٽي سسٽم ۾ ”معمولي“ بڻجي چڪو آهي.
گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي ڊيٽا جو حوالو ڏيندي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فلسطينين خلاف جنسي تشدد ”منظم رياستي پاليسي“ جو حصو آهي.
ڪرسٽوف پنهنجي تحرير ۾ چيو ته سياسي اختلافن جي باوجود فلسطينين سان ٿيندڙ بدسلوڪي ۾ جنسي تشدد جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
ٻئي طرف اسرائيلي پرڏيهي وزارت انهن الزامن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته اخبار اسرائيل خلاف غلط ۽ ڀڙڪندڙ پروپيگنڊا شايع ڪئي هئي.
ٻئي طرف گڏيل قومن جي ماهرن به گذريل مهيني خدشن جو اظهار ڪندي چيو هو ته فلسطيني علائقن ۾ جنسي تشدد مبينا طور تي اسرائيلي قبضي جو مرڪزي هٿيار بڻجي رهيو آهي. ماهرن جي مطابق، اهڙا عمل صرف الڳ الڳ واقعا نه آهن پر هڪ ‘منظم نوعيت’ آهن.
اها رپورٽ ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن اسرائيل غزه جي جنگ ۽ فلسطيني قيدين سان ڪيل سلوڪ تي وڌندڙ عالمي تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي.


