آءِ ايم ايف ۽ حڪومت وچ ۾ بجيٽ ڳالهيون شروع ٿي ويون، 15 هزار 300 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.

وفاقي حڪومت مالي سال 27-2026 جي بجيٽ تيار ڪرڻ جي ذميواري ڊپٽي وزيراعظم ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي وارو وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد چيما ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل آهن.

ڪميٽي ٽيڪس پاليسي آفيس پاران تيار ڪيل تجويزن جو جائزو وٺندي ۽ قابل عمل سفارشون پيش ڪندي. ٻئي طرف انڪوائري قدمن لاءِ الڳ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو سربراهه احد چيما هوندو.

پنهنجي پهرين اجلاس ۾ ڪميٽي ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته ٽيڪس چوري کي روڪڻ، انڊر رپورٽنگ کي ختم ڪرڻ ۽ جعلي ٽيڪس ريٽرن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ جديد ڊجيٽل ۽ اي آءِ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي.

حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ لڳ ڀڳ 15.3 ٽريلين رپين جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.

ذريعن موجب حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ 215 کان 230 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ ڪجهه شعبن کي رليف ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي.

آءِ ايم ايف معاهدي تحت حڪومت کي مالياتي قدمن جي مد ۾ مجموعي طور تي 430 ارب رپيا وٺڻا پوندا، جنهن ۾ 215 ارب رپيا نوان ٽيڪس شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ 215 ارب رپيا لاڳو ڪرڻ ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي قدمن مان حاصل ڪيا ويندا.

تفصيل موجب ريويو مشن جي وفد ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ اقتصادي ٽيم ايواپيٽرووا جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي گورنر اسٽيٽ بئنڪ، چيئرمين ايف بي آر اعليٰ عملدار موجود هئا، ملاقات دوران بجيٽ جي تيارين ۽ معاشي صورتحال، سڌارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وفد 20 مئي تائين پاڪستان ۾ رهندو ۽ بجيٽ جي هدفن، ٽيڪس روينيو، مالياتي سڌارن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ نجڪاري تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment