ملڪ ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جو نالو استعمال ڪندي فراڊ ڪندڙن جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي عوام لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب ايڊوائيزري ۾ پي ٽي اي واضح ڪيو آهي ته ادارو ڪڏهن به فون، ايس ايم ايس يا اي ميل ذريعي گراهڪن کان ذاتي معلومات نه گهري، ان ڪري اهڙي ڪنهن به ميسيج يا ڪال تي اعتبار نه ڪيو وڃي. ايڊوائزري صارفين کي هدايت ڪري ٿي ته ڪنهن به مشڪوڪ ڪال، اي ميل يا پيغام جي فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي رپورٽ ڪن ۽ ڪنهن به اڻڄاتل لنڪس تي ڪلڪ ڪرڻ کان پاسو ڪن ڇو ته اهڙن لنڪ ذريعي ڊيٽا چوري ٿي سگهي ٿي. پي ٽي اي وڌيڪ چيو ته صارفين کي پنهنجي حساس معلومات جهڙوڪ پاس ورڊ، پن ڪوڊ، شناختي ڪارڊ نمبر يا بئنڪ اڪائونٽ جا تفصيل ڪنهن سان به شيئر نه ڪرڻ گهرجن ۽ هر پيغام يا اي ميل موڪليندڙ جي سڃاڻپ جي تصديق ڪرڻ لازمي آهي.
Source link

پي ٽي اي جو نالو استعمال ڪري جعلساز بي نقاب
Leave a Comment Leave a Comment

