پاڪستان جو پهريون ’پانڊا بانڊ‘ چين جي مالياتي مارڪيٽ ۾ جاري

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان چين جي مالياتي مارڪيٽ ۾ پهريون ڀيرو داخل ٿيو "پانڊا بانڊ" ڪاميابيءَ سان جاري ڪيو ويو، 250 ملين ڊالر جي بانڊن تي 1.26 بلين ڊالر آفر حاصل ڪيا، اصل رقم کان پنج ڀيرا. پاڪستان پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي ٻي وڏي سرمائي مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪري ورتو آهي ۽ اڄ چيني ڪرنسي (يوآن) ۾ 3 سالن جي مدي لاءِ پانڊا بانڊ جاري ڪيو آهي. بيان موجب پاڪستان 1.75 بلين يوان جا بانڊز جي آڇ ڪئي، سيڙپڪارن کان 8.8 ارب يوان جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا پانڊا بانڊز جي اصل رقم کان 5 ڀيرا وڌيڪ آهي، سيڙپڪارن جي اهڙي دلچسپي پاڪستان جي معاشي سڌارن ۽ مستحڪم معيشت تي عالمي اعتماد جو ثبوت آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته سخت طلب سبب پاڪستان کي اهو سرمايو صرف 2.5 سيڪڙو جي گهٽ شرح سود تي مليو ۽ چين جي وڏي مالياتي مارڪيٽ جا دروازا پاڪستان لاءِ کوليا ويا آهن. وڌيڪ چيو ويو ته سڄي دنيا مان نوان سيڙپڪار پاڪستان جي معيشت ۾ حصو وٺي رهيا آهن، اها ڪاميابي عالمي سطح تي پاڪستان جي معاشي ساک ۽ قرضن جي فراهمي جي صلاحيت کي بهتر بڻائي ٿي. ناڻي واري صلاحڪار خرم شهزاد موجب پاڪستان هن وقت بحران مان نڪري استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري ترقي طرف وڌي رهيو آهي، اها ڪاميابي هڪ نئين باب جي شروعات آهي جنهن ۾ پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ هڪ قابل اعتماد ملڪ طور اڀري آيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment