پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي، فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم برازيل سان آمهون سامهون ٿيندي. مليل ڄاڻ موجب پاڪستان اسٽريٽ چلڊرن ٽيم ميڪسيڪو ۾ جاري اسٽريٽ چائلڊ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ 2026 جي انڊر 16 ايونٽ ۾ 30 ملڪن جي وچ ۾ کيڏيل چار ميچون کٽي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. پاڪستان پنهنجي گروپ ميچن ۾ انڊونيشيا، ميزبان ميڪسيڪو، روس ۽ ويلز کي شڪست ڏني. ٽورنامينٽ ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا مختلف ايونٽس منعقد ڪيا پيا وڃن. ٽورنامينٽ سڄي دنيا ۾ گهٽين جي ٻارن جي حقن، تحفظ ۽ سڃاڻپ لاءِ نوجوانن جي اڳواڻي ۾ هلندڙ تحريڪ آهي. ياد رهي ته قطر ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ورلڊ ڪپ فٽبال ٽورنامينٽ 2022 ۾ پاڪستاني ٽيم ٻي پوزيشن حاصل ڪري سلور ميڊل کٽي ورتو. پاڪستان اسٽريٽ چلڊرن ٽيم جي رانديگرن ۾ عبدالله، مبشر شاهه، محمد حماد، نديم حسين، محمد مصطفيٰ، محمد عيسيٰ، شاهد انجم، محمد ڪاشف، محمد بلال ۽ محمد ابراهيم شامل آهن.
Source link

پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي
Leave a Comment Leave a Comment

